ترار ڦري

ترار ڦري (Nagio Coffee ):هي ٻوٽو ٻن هٿن جيڏو اوچو ٿيندو آهي ۽ ان جا پن بدبودار ٿين ٿا. هن ٻوٽي جون ڦريون گرانٺ جيڏيون ڊگهيون ٿينديون آهن، جن ۾ هُر ٻي جهڙو ٻج ٿيندو آهي ۽ اِن جو ڦر ڪچيءَ ۾ سائو ۽ پچڻ تي ڪارو ٿي پوندو آهي. هن ڦريءَ جا ٻه قسم ٿين ٿا: هيڊن گلن ۽ ڪاراڻ مائل گلن وارو. هي ٻوٽو گرمي پيدا ڪند ڙ آهي. پنجابيءَ ۾ هن کي تلوار ڦلي، اردوءَ ۾ ڪسونڍي ۽ هنديءَ ۾ ڪسوندي چوندا آهن. هن جا پن سنا ٻوٽيءَ جي پنن مگر ان کان وڏا ۽ بدبودار ٿيندا آهن. هي ٻوٽو ڦريون جھلي ٿو. جي ترار وانگر ٿينديون آهن. هي هماليه جبل، برما ۽ سري لنڪا ۾ عام جام ٿئي ٿو. هي گرمي پيدا ڪندڙ، سوڄ نسائيندڙ ، کنگهه هٽائيندڙ ۽ زهرن جو ترياق آهي. حڪيم هن کي مختلف بيمارين جي علاج لاءِ استعمال ڪندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو